ڪَچَ جي سنڌي معنيٰ
ڪچي، شيشي. ڪَاچ، ڪانچ. ڪوڙ، جوٺ، کوٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Glass, false, fabricated, nulled.
ڪَچَ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]
جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي،
ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ،
پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا ٿِئا مَلاحَ،
شَرَمُ رَکِين تُون شاھَ، لائِق لاڄي جا ڌَڻِي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 8 ]
ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ،
پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا ٿِئا مَلاحَ،
شَرَمُ رَکِين تُون شاھَ، لائِق لاڄي جا ڌَڻِي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 8 ]
ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون،
سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 13 ]
سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 13 ]
ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو،
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]
جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙِيُون سي،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي،
پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا ھي،
اَھلَ اَباڻَنِ جي، مَرِي شالَ مَلهايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 9 ]