ڪَچايُون جي سنڌي معنيٰ
اڻ پڪايُون، ڪَچاوَٽون، ناپختگيون، اڻ رسيلايون، ڪچاڻ. ناتجربيڪاريون، مورکايون، حماقتون، بيوقوفيون، بي عقليون، اياڻَپَ. گِلائون، شڪايتون، غِيبتون، عيبَ. مَھڻا، طَعنا، ڏوراپا، عِتابَ، ويڻ. بي وفايُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rawnesses, amateurishness, ignorances, misunderstandings, taunts, complains.
ڪَچايُون جا بيتن ۾ حوالا
سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون،
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا،
جَنِ جو آڌارُ تُون،
جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري،
توءِ وَڃِبو تَنِ ڏي، اَکڙِيُون پيرَ ڪَري،
بَخشِين بوڇَ بُڇايُون، ڪَچايُون ڪوڙيِين،
ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو، سَگهان آئُون نَہ چوري.
[ سُر آسا، وايون، 2 ]