ڪَندي جي سنڌي معنيٰ
ڪرڻ جي حالت ۾ رھندي، بجا آڻيندي، عمل ۾ رھندي، رُڌل رھندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Doing, performing, in act.
ڪَندي جا بيتن ۾ حوالا
دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا،
مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ،
بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو ڀَڳُنِ ٻارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 5 ]
مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ،
بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو ڀَڳُنِ ٻارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 5 ]
مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا،
چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ،
جي جَنِي جا گُمانَ، سيئِي تَنِي سامُھان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 6 ]
چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ،
جي جَنِي جا گُمانَ، سيئِي تَنِي سامُھان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 6 ]
سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 3 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو،
نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 4 ]
نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 4 ]
ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]
رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾،
رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ،
آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان ڏي صافَ،
آرِياڻِيءَ اِنصافَ، وَٺِتا ويچارِيءَ جا.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 18 ]
رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ،
آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان ڏي صافَ،
آرِياڻِيءَ اِنصافَ، وَٺِتا ويچارِيءَ جا.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 18 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي،
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،
وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ،
ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ،
جِن ھُيُون ڪَلَنگِيُون ۾ ڪَلَ، سي وِئا ڪَندي ڪاڪِ ڏي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 26 ]