کَنڊَ جي سنڌي معنيٰ
کڏُون، کامان، خندقون، ترايون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ponds, lower parts of land.
کَنڊَ جا بيتن ۾ حوالا
کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري،
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو مَتارو ڪِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 39 ]
وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ پايان،
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ گَهنڊَ،
کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 21 ]
کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 21 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 18 ]
کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 18 ]
اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان،
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 12 ]