ڦُڙا جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن پاڻيٺ جا ٽيپا، قطرا، مِينھَن جون وڏيون بُوندون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Drops.
ڦُڙا جا بيتن ۾ حوالا
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ رَتُ ڦُڙا،
لَنڊِينِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 7 ]
لَنڊِينِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 7 ]
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]
راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن،
اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 10 ]
اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 10 ]
جيڪا ڪَندِي سَڱُ، آيَلِ ٻاروچَنِ سين،
اَنگهُنِ چاڙِھي اَنڱُ، رُوندِي سا رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 14 ]
اَنگهُنِ چاڙِھي اَنڱُ، رُوندِي سا رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 14 ]
ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا ھُئِي،
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 3 ]
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 3 ]
کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا،
ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 25 ]
ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 25 ]
لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا،
جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 12 ]
جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 12 ]
English Meaning
Drops.