ڦيرُ جي سنڌي معنيٰ
ڀيرُ، نمونو، چڪر، گهمرو، ڦيرو، ڦيراٽي، گيرو، وَلو. وَرُ، ڀيرو. ڦرڻ جي حالت، گردش. وراڻو، گهمتاري. گول، گهيرو، دائرو، حاطو. وَرُ، وَڪَڙُ، ڏِنگُ، ونگ، ٽيڙُ. وَٽُ، پيچُ، مروٽ، مروٽو، وراڪو. فرق، تفاوت، وِچاندرُ، اختلاف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Difference, distinction, alteration, variation, vicissitude. A turn, twist, coil.
ڦيرُ جا بيتن ۾ حوالا
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي وِجُهہ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لَھين نَہ پيرُ، راحَتَ آھي رِڙَهڻَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 3 ]
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لَھين نَہ پيرُ، راحَتَ آھي رِڙَهڻَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 3 ]
مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي،
جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي،
موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي،
آھي ڪَمُ ڪَرِيمَ جو، جِيئَن لَڱا لَنگهائي،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، مُوڙَھا مِلائي،
شَفاعَتَ جا شَفيعَ جي، تَنھِن ۾ ڦيرُ ھَڏِ ناھي،
مِيرُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، جو اَڙِئا ڇُٽائي.
[ سُر بلاول، وايون، 3 ]

لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو،
جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،
جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 3 ]
جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،
جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 3 ]
لاکا لَکَ ھُئا، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو،
آجا اوڏَ ٿِئا، پَليءِ لَڳِي جَنھِن جي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 4 ]
آجا اوڏَ ٿِئا، پَليءِ لَڳِي جَنھِن جي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 4 ]
English Meaning
Difference, distinction, alteration, variation, vicissitude. A turn, twist, coil.