ڏيِين جي سنڌي معنيٰ
ڏَين، حوالي ڪرين، سونپين، ڇڏين، رکين (ڪا شئي ٻئي وٽ). عطا ڪرين، بخشين، دان ڪرين، خيرات ڪرين. امداد ڪرين. پيش ڪرين، نذر ڪرين. ادا ڪرين،چُڪائين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May give, may donate, may grant. (Donate, give, allot)
ڏيِين جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا،
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ،
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين،
آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوارَ، ڪَنڊَنِ ڪانڊيرَنِ جا.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 10 ]
آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوارَ، ڪَنڊَنِ ڪانڊيرَنِ جا.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 10 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪو،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ڪو ساڄَنُ اُنِهين ساٿَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 2 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ڪو ساڄَنُ اُنِهين ساٿَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 2 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان،
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]