ڏاڏاڻي جي سنڌي معنيٰ
ڏاڏي جي، ڏاڏي جي رشتي واري، اباڻي، ڏاڏي جي آڪھ جي، ڏاڏاڻڪي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or related to grand father.
ڏاڏاڻي جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]

ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين،
جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي،
پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ آئُون ڏِيندِي،
ڪوڪَڙِ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪي ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
عُمَرَ اُنِهين ڏيھَ جا، ڪوڍِرَ قُوتُ ڪَرِيندِي،
سَڱَرَ ساھِيڙِيَنِ سين، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻَنِ جا، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوَندِي،
گولُون گولاڙن تان، جَهپي سان جَهٽيندِي،
عِيدُنِ بَرادُنِ تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندِي.
[ سُر مارئي، وايون، 3 ]

حَقاڻو ھُتِ ٿِئو، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ڏي، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 16 ]

واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ،
تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ واسُ،
تَہ ڪَرَ مُيائِي جِياسِ، جَي وِئو مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 22 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]