چوٽا جي سنڌي معنيٰ
ڳُتَ. وارن جا مُچا. ڦڻي ڏيئي ڪنڌ کان وارن کي رڳو ڌاڳو ٻڌي چوٽا ٺاهي ڇڏڻ. مٿي جا وار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The hair of the crown of the head tied up in a knot, a top knot.
چوٽا جا بيتن ۾ حوالا
ڳِجُهون ڳوٺِ نَہ ھُونِ، وَتَن ڪِلي ڪوڏِيُون،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، لَمِئو لائون ڏِينِ،
ڳُتا اُکولِينِ، چوٽا چُوڙِيرِنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 6 ]

جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]

جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون،
اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ،
مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَ،
سُونھَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَ،
ڪِئائُون لالَ لَطِيفُ چئَي، وَڏا ويسَ وَرَنَ،
مَنجِهہ مَرَڪِيَسِ مَنَ، تَہ سوڍي سين سَڱُ ٿِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 2 ]

ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ،
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ،
اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ چالِ،
ويچارا وُجُودَ جِي، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
نانگا ٿِئا نِھالُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 2 ]

ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ،
نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ،
ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 26 ]

سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي ھُئا،
اورِيان اورِينِ عامَ سين، پَرِيان پَريئِي،
چوٽا جَنِ جا چيرُئان، ٻيلوتا ٻيئِي،
دُرسُ دَلالَتَ دِينَ جِي، ھَٿان تَنِ ٻيئِي.
تَنِي کي ڏيئِي، بادِ وِڃاءِ مَ بِکِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 2 ]

اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]