چارَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ھڪ قبيلي جو نالو. ڳائڻو، ڳائڻا، راءِ ڏياچ جو سر وڍيندڙ سازندو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a tribe, singers, musician who slaughtered Roy Diyach's head.
چارَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
سِرَ جِي ھُئائِين ھَلِئو، چارَڻُ چِتائي،
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
سو مُوڙا جَهلي نَہ مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
تو دَرِ آيُسِ تي، جِيئَنِ تُون ناھِ نَہ سِکِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 25 ]
چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪينُون آکان ڪَونُ بَتاوي ھِي واٽَهَڙُو لوڪُ ڙي ماءُ،
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
اَپِني صاحِبِ دِي باتِ ڙي،
چارَڻُ آيا ڪاٽِ لي جايا کوءِ جاجِڪاڻي ذاتِ ڙي ماءُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 5 ]
پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري،
چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو،
رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 14 ]
چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو،
رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 14 ]
چارَڻُ لَڱو پَنڌُ گهَڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ،
ھِتِ ڪِي ھَلائيجِ، اِتي آئُون نَہ اَچِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 15 ]
ھِتِ ڪِي ھَلائيجِ، اِتي آئُون نَہ اَچِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 15 ]
تُنبيرو تاڻي، چارَڻُ چوٽاڻِيءَ مَڻي،
اَتارا آڻي، جَنھِن نَماڻِئا مَڱَڻي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 16 ]
اَتارا آڻي، جَنھِن نَماڻِئا مَڱَڻي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 16 ]
English Meaning
Name of a tribe, singers, musician who slaughtered Roy Diyach's head.