ٿِيان جي سنڌي معنيٰ
ٿي وڃان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be
ٿِيان جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 2 ]

ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي،
پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي،
ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 27 ]

اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ،
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]

اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]

ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا،
ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي،
جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا، تَہ رَھايَم روئِي،
رَھُ قَضا دَمُ ڪوئِي، ھيڪَرَ ھيڪاندِي ٿِيان.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 6 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي،
پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 14 ]