پَڌَرِ جي سنڌي معنيٰ
پڌر تي، ظاھر ۾، اڱڻ تي، ظاھر ظھور ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The enclosure round a house, a yard, an open plain.
پَڌَرِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان،
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَس اوچتِي،
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،
وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ،
ھُيَمِ ھوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِئان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 13 ]
وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ،
ھُيَمِ ھوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَہ سارِئان.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 13 ]
ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾،
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون سين ڳالِهہ ڪِي،
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 12 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان جِي ڳالِهڙِي.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 12 ]
ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
English Meaning
The enclosure round a house, a yard, an open plain.