پَڌَرِ جي سنڌي معنيٰ
پڌر تي، ظاھر ۾، اڱڻ تي، ظاھر ظھور ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The enclosure round a house, a yard, an open plain.
پَڌَرِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان،
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَس اوچتِي،
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 28 ]
ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾،
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ،
سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان نَہ ھُياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 21 ]
سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون سين ڳالِهہ ڪِي،
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 12 ]
ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ،
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ،
سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 24 ]
چوري چَنجُورَنِ سين، کوٽي کَنيائُون کُوھَ،
لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ،
پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 31 ]
لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ،
پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 31 ]
ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي،
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]
English Meaning
The enclosure round a house, a yard, an open plain.