پَڌِرو جي سنڌي معنيٰ
ظاهر، کليو، عيان، چِٽو، صاف. مشھور، آشڪار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Noted, notorious, well known, public, manifest, plain, obvious, openly. (s. m) A plain.
پَڌِرو جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 17 ]
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]
سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ،
جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 6 ]