پَرَديسَ جي سنڌي معنيٰ
پرڏيھَ، پرانھين ملڪ، ڏيساور، ڌاريي. غير ملڪ. پرائي ملڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Foreign country, abroad, foreign land.
پَرَديسَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]

پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا،
جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ،
اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،
اُنِهين جي آديسَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 11 ]

پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪَرِ خَبَرَ،
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]

ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ،
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]

ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ،
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون آڻي خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 35 ]

مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري،
ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي،
جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن جو پَرَوَرَ پَنُ رَھائِيين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 5 ]