ٻَروچَ جي سنڌي معنيٰ
بلوچ قوم جو هڪ فرد، ٻاروچو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A Baloch, member of Baloch nation.
ٻَروچَ جا بيتن ۾ حوالا
تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾،
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 14 ]
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 10 ]
ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي،
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ،
لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 11 ]
وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ،
لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ پَئي ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 11 ]
ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين،
تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين،
سٻاجها سائِين، وِجهين ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 17 ]
تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين،
سٻاجها سائِين، وِجهين ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 17 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ نَہ ڇِنَڻَ جِھَڙو.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 1 ]
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ نَہ ڇِنَڻَ جِھَڙو.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 1 ]
نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري،
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]
ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي،
ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃا آسِرو آھي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 18 ]