ٻَروچَنِ جي سنڌي معنيٰ
ٻاروچن، بلوچن، بلوچ ذات وارن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Balochs.
ٻَروچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين،
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 31 ]
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 31 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا،
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري،
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري،
اَدِيُون اوتاري راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 11 ]
جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ،
مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،
آئُون تان جوٺِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 18 ]
پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ،
ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 9 ]
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ،
ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 9 ]
English Meaning
Balochs.