ٻانڌِي جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ ۾ لڙهندڙ ڪاٺ جو بنڊ يا تختو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Big wooden log floating by flow on the river water surface.
ٻانڌِي جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ،
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]

ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]

اَدا اي ٻانڌِي! توکي ڪَڙَھان ڪِ پاڻَ کي؟
سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي،
تُون پاتارِ پانڌِي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 30 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،
ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِيُون، جِتِ لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ،
شَناوَرَ سامِها، سِيڻاھِيا نَہ سَنڊينِ،
وِيرِيُون واٽَ نَہ ڏِينِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگهائيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 7 ]

ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا،
مُون تي جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 33 ]