وَٿاڻَ جي سنڌي معنيٰ
ماڳ مڪان، جايون، چوپائي مال جي بيھارڻ جي جاءِ، هنڌ، لوڙهو، واڙو، ڪَڙه. ڀاڻُ، واڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Places, residences. Enclosures or pen for putting up cattle in at night.
وَٿاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 15 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي،
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
اَڄُ نَہ گورا گَڏَ، وِلِهِيءَ جي وَٿاڻَ تي،
ڇا کي ڪَرِيين سَڏَ، پِرِين پَراھان وِئا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 9 ]
ڇا کي ڪَرِيين سَڏَ، پِرِين پَراھان وِئا.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 9 ]
مُون سَڏِيندِي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏَ نَہ ڏِينِ،
وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَہ تَنوارينِ،
ھيڏا ھاڃا ٿِيَنِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 12 ]
وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَہ تَنوارينِ،
ھيڏا ھاڃا ٿِيَنِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 12 ]
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ،
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا،
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي،
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 23 ]
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 23 ]
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ،
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]