وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ جي سنڌي معنيٰ
” اسان ان جي شھ رڳ کان بہ ويجهو آھيون. “
( قرآن مجيد ۾ 50سورۃ” ق “جي 16ھين آيت. )
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"We are nearer to him than his jugular vein."
(Holy Quran، Soorah "Qaf", Ayah No: 16)
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ،
جَنھِن جي رُوحَ سُڃاتو راھُ، تَنھِن کي پِرِينءَ ريءَ پَسَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 16 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ،
جَنھِن جي رُوحَ سُڃاتو راھُ، تَنھِن کي پِرِينءَ ريءَ پَسَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 16 ]
قِسمَتَ قَيدِ ڪِيَسِ، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، وَطَنِ آئُون وِيندياس،
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 9 ]
سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي،
تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي،
ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي،
قَيدالماءِ اَشَدُ مِن قَيدِ الحَدِيدِ، اِها رَمزَ رَهِي،
وَڃي لوهُہ لَھِي، تَہ مِلان مارُوئَڙنِ کي.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 8 ]
تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي،
ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي،
قَيدالماءِ اَشَدُ مِن قَيدِ الحَدِيدِ، اِها رَمزَ رَهِي،
وَڃي لوهُہ لَھِي، تَہ مِلان مارُوئَڙنِ کي.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 8 ]
English Meaning
"We are nearer to him than his jugular vein."
(Holy Quran، Soorah "Qaf", Ayah No: 16)
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ٻول جا زمرا