ويڻَ جي سنڌي معنيٰ
سخن، قول، ڳالهيون، عتاب، حرف. طعنا، تنڪا، مھڻا، بدسخن، گاريون. خراب هلت. پاراتا، پِٽون، اورانڀا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sayings, quote, matter, touting, curses
ويڻَ جا بيتن ۾ حوالا
وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]

سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ،
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيو،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ،
وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 20 ]
آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ،
وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 20 ]
ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻا، لَڄايَئِي مُون سيڻَ،
ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 17 ]
ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 17 ]
اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري،
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ،
وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 5 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ،
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ،
ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.
[ سُر پورب، جوڳي، 13 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ،
ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.
[ سُر پورب، جوڳي، 13 ]
English Meaning
Sayings, quote, matter, touting, curses