نِماڻِي جي سنڌي معنيٰ
نِھٺي، اڀماني، نِراهنڪاري، غُريب، مسڪين، حياءَ واري، اڌيُن، مايوس، نااُميد. ويڳاڻي، غمگين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who does not make a show or is little regarded by others, humble, lowly.
نِماڻِي جا بيتن ۾ حوالا
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]

ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ،
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ،
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 26 ]

اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]

ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا،
مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،
ايھِيءَ پَرِ پَھتا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 4 ]

جَتَنِ وِڌِيَسِ جارَ، نَہ تَہ ھُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي،
ٿِئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏِيائُون گُوندَرين.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 2 ]

آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان،
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]

نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري،
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]

ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو،
نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 8 ]

مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]