موٽِئو جي سنڌي معنيٰ
موٽي وڃڻ، موٽي اچڻ، موٽ کائڻ، وَرڻ، واپس اچڻ. پويان پير ڪرڻ، پُٺتي هٽڻ. هَٽڻ، پُٺ ڏيڻ، اصلوڪي حالت ۾ اچڻ. لھڻ (بدن ۾)، گهٽجڻ پڌارجڻ، روانو ٿيڻ، اُسهڻ، موڪلائڻ. (موٽيو، موٽندو، موٽيل).
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To return, go back, come back, recede, retire, turn back.
موٽِئو جا بيتن ۾ حوالا
سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري،
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 29 ]
وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين،
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو،
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]
ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين،
لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 7 ]
لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 7 ]
ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ،
مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،
ڪَئين قاصِدَ ڪيچِ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
سَدا سُپَيرِيَن جا، سانڍِڻُ سُورَ پيامِ،
ھوتَ ھَلَندِي جي ڪِئا، نَہ سي سَڏَ سُئامِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِياڻِي اِيندامِ.
[ سُر حسيني، وايون، 11 ]

ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا،
موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 15 ]
موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 15 ]
جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نَہ پُڇين،
رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ،
اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 2 ]
رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ،
اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 2 ]
English Meaning
To return, go back, come back, recede, retire, turn back.