قَرِيبَ جي سنڌي معنيٰ
ويجهو مائٽ، عزيز، رشتيدار، مِٽ، خويش، سڪو، سنگتي، يار ساٿي. پرين، سڄڻ، محبوب. (ظرف) ويجهو، نزديڪ، اوري، اوڏو. اورانھون. ويجهڙو، ڀرسان، ڀر.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A relation, relative, near, fast
قَرِيبَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ،
عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 13 ]

سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي،
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]

ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]

ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 3 ]

پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]

ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري،
روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ،
عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
ساھَڙَ ساھُ نِڌوسِ، نِيَرُ پائي نِينھَن جو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 3 ]

مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]

لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ،
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]

ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي،
لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن،
تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن، قَرِينُو قَرِيبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 12 ]