فاتِحَه جي سنڌي معنيٰ
هُن کوليو، قرآن شريف جي پھرين سورة جو نالو، سورة الحمدُ، جمع فاتَحِوُن فَاتِحَائُون. مَيت لاءِ دعا سورة الحمد، جا ميت جي عذرخواهي يا قبر يا مقام تي پڙهي وڃي. عذر خواهي. ختمو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
He opened. Name of first Soorah in Holy Quran. A prayer for died person. a verse of condolence.
فاتِحَه جا بيتن ۾ حوالا
عُمَرَ آندِي مارُئِي، ظالمَ زورِ ڪَري،
مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري،
تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحَه ڏِينِ فَقِيرِ کي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 12 ]
مارُنِ ڌاران ماڙِيين، جَي ٿِي هِتِ مَري،
تَہ مَڙُه تَنھِن مُشتاقَ جو، پَھچائِجِ ٿَرين،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحَه ڏِينِ فَقِيرِ کي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 12 ]
فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، جَڙِيائُون سين جانِ،
اَپَرِ اَلِ عِمرانِ سين، قُربُ ڪِئو ڪِيڻانِ،
سُخنَ جي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 17 ]
اَپَرِ اَلِ عِمرانِ سين، قُربُ ڪِئو ڪِيڻانِ،
سُخنَ جي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 17 ]
فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]

توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھايَتَ،
اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ،
لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،
نساءِ نُورِ نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 22 ]
اَعرافِ اَباڻَنِ کي، فاتِحَه ۾ فَرَحَتَ،
لُقمانِ جاءِ لَطِيفُ چئَي، سَجدَہ ساڻُ صِحَتَ،
نساءِ نُورِ نِيَتَ، مُون کي مارُنِ ميڙِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 22 ]
English Meaning
He opened. Name of first Soorah in Holy Quran. A prayer for died person. a verse of condolence.
فاتِحَه ٻول جا زمرا