عَجَبَ جي سنڌي معنيٰ
اچرج، حيرت، تعجب، حيراني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Astonishing, marvellous, strange, extraordinary, rare, wonderful, amazing.
عَجَبَ جا بيتن ۾ حوالا
راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون،
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين،
اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 14 ]

صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي آھِ،
وَڏِي سَگَهہ سَندِياءِ، پاڻَ وَھِيڻو آهِيين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 20 ]