عالَمُ جي سنڌي معنيٰ
دنيا، جھان، جڳ، سنسار، جڳت. پرٿڻي. مخلوق، آدم، لوڪ، خلق. زمانو، وقت، دؤر، سمو، عهد
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
عالم: (ع) ساري جڳت يا ڪائنات، زمين ۽ آسمان، دنيا ۽ آخرت وغيرہ. چون ٿا تہ ڪل 18 ھزار عالم آھن.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Universe, times, creations, cosmos, eon, epoch
عالَمُ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

عالَمُ آئُون ساڻُ، ڀَرئو ٿو ڀيرَ ڪَري،
پاڻَ نَہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پَکِيڙِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 9 ]
پاڻَ نَہ آھي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پَکِيڙِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 9 ]
جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ،
مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 17 ]
مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 17 ]
چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 15 ]
آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 15 ]
اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

اَچِي ريلَ اُکَتِيُون، ڪالوڙا ڪَري،
پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي،
نُورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 17 ]
پُرِ ڪِئائُون پِنڊِيُون، مَنجهان ڀَنَ ڀَري،
تَماچِيءَ جي تَڪِيي، ڏَنُ سَڀَڪا ڏي،
نُورِيءَ نازَ ڪَري، عالَمُ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 17 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ،
تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئا، ھاري مَنجهان ھيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمُ سَڀَ آبادِ ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 3 ]