طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ جي سنڌي معنيٰ
”الله جي طلب يعني ڳولا سڀني شين کان اڳ واجب يعني ضروري آھي.“
(ھڪ عربي قول)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Seeking Allah is obligatory before all things."
(An Arabic quote)
طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ جا بيتن ۾ حوالا
طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو،
وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ عَينُ ٿِئو،
طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ ، ڇَڏَڻَ تان نَہ جِھو،
سُڃاڻِي سِھو، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 16 ]

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي،
سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 1 ]

سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]

اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]