صِراطَ المُستَقِيم جي سنڌي معنيٰ
”سڌي واٽ.”
(قرآن مجيد جي سورہ الفاتحہ جي آيت نمبر 6 جو ھڪ ٽڪرو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Straight path, the straight way, the religion of Islam
صِراطَ المُستَقِيم جا بيتن ۾ حوالا
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]

سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]

سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ،
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]

مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]