سَڄِيُون جي سنڌي معنيٰ
ثابت، سموريُون، ساريُون. پوريُون، سڀ، مڙيئي، ڪُلُ، سلامت، جملي. سربستيُون، پيرائتيُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Entire, whole, all, perfect. Right hand etc..
سَڄِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين،
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]

اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن،
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]

ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 1 ]

پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]

ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيُون،
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]