سَميعُ جي سنڌي معنيٰ
ٻُڌندڙ، سُڻندَڙُ. دادُ ڪندڙ، اسم پاڪُ ڌڻي تعاليٰ جو صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Listner, Name of Allah.
سَميعُ جا بيتن ۾ حوالا
جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، ساھَڙَ ٻَڌِي ساھَ کي،
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
سا ھَڙَ ڇوڙِيان نَہ ڇُڙي، سا ھَڙَ ساھَڙَ ريءَ،
ساھَڙَ ٿِيءُ سَميعُ، تَہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساھَ جِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 27 ]
سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين،
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، ڏَسَڙو ڏِنائِين،
جانۡ ڪو جِيين ڏِينھَڙو، تان ڏوري لَھُ مَنجهائِين.
[ سُر آسا، وايون، 10 ]
English Meaning
Listner, Name of Allah.
سَميعُ ٻول جا زمرا