سيسارَ جي سنڌي معنيٰ
سيسرَ، گهڙيال، درياھ جي خوفناڪ جانور جو ھڪ قسم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gavialis gangeticus. Gharial, Indian Gharial, Fish-eating Crocodile, Indian Gavial, Gavial, Long-nosed Crocodile.
سيسارَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاھِي تُھارَ،
ڄَنگهَہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ وارَ،
لَکين چُھِٽِيَسِ لُوھَڻِيُون، ٿيلِهيُون ٿَنِئون ڌارَ،
مِڙِئا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُهڻِي،
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 18 ]