سائِي جي سنڌي معنيٰ
اُھائي، ساڳي جيڪا، سا ئي، اِھا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
That, this, exactly this one
سائِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ،
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]
سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جَي ھُتي جَي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ مَڙِيائِي ھيڪَڙي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 10 ]
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 23 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي پَٽَ ۾،
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 23 ]
وَڻِڪاران وائِي، ڪا جَا آندِي ڪيچِيين،
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
وَڻِڪاران وائِي، ڪا جَا آندِي ڪيچِيين،
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 4 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي،
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 5 ]
English Meaning
That, this, exactly this one