رَنگَ رَتولَ جي سنڌي معنيٰ
چٽسالي ٿيل جاءِ، نقاشي محلات، رنگ محل، لال بنگلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coloured palace, having colours, palace with red and sharp colours.
رَنگَ رَتولَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ،
ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 12 ]
توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ،
ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 12 ]
ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري،
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي،
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين،
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]