رَنگَ جي سنڌي معنيٰ
رَڱَ، جيئن اڇو ڪارو ڳاڙهو، سائو پيلو، نارنگي وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Colors.
رَنگَ جا بيتن ۾ حوالا
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي،
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 18 ]
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين،
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
English Meaning
Colors.