رَضا جي سنڌي معنيٰ
خوشنودي، رضامندي، خوشي. ارادو، مرضي. موڪل، رخصت. حڪم، امر خدائي. چالاڻو، مرڻو. تقدير. بندي جو خدا جي مرضيءَ تي راضي رهڻ جي حالت پوءِ رنج هجي يا خوشي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Pleasure, happiness. will, desire leave, leave Command, Immortal God. Die. destiny The condition of being satisfied with God's will is whether it is suffering or happiness.
رَضا جا بيتن ۾ حوالا
آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي،
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا،
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا،
وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا،
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 23 ]
جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو،
راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي،
ھِيءَ رَضا رَبانِي، نَہ تَہ ڪَرِيان وَسُ وِصالَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 1 ]
راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي،
ھِيءَ رَضا رَبانِي، نَہ تَہ ڪَرِيان وَسُ وِصالَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 1 ]
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي،
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو،
رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 20 ]
رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 20 ]
رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا،
مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،
رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،
ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 10 ]
مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،
رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،
ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 10 ]
ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ،
مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 14 ]