رَسِجِ جي سنڌي معنيٰ
پھچج، رَسي پئجو، واھر ڪجو، پھچجو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May come, arrive, may have.
رَسِجِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪِئا ھيڪَلِيُن حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نَہ قَبِيلا، تِتِ رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 12 ]

آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي،
ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 7 ]

مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 16 ]

ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِياڻِي اُسِرِي، ٿِي واھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 6 ]

سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]

مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 16 ]

مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي،
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]