راڻا جي سنڌي معنيٰ
سومرا گهراڻي جي پوئين حاڪم ھمير سومري جي وزير جو نالو (”سوڍو“، ٺڪر، مومل راڻي جي مشھور عشقيه قصي جو هيرو). ننڍو راجا. ننڍڙي علائقي جو والي. جاگيردار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rano character in Moomal Rano Sur of Shah Abdul Latif Bhittai. He was minister of last Soomra king Hameer's regime.
راڻا جا بيتن ۾ حوالا
راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين،
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 1 ]
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي ڏيکان،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، مَحَبتَ جُون ميخان،
رَيَ ڀَرِيُون ريکان، تو سين لالَ لپيٽِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 14 ]
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، مَحَبتَ جُون ميخان،
رَيَ ڀَرِيُون ريکان، تو سين لالَ لپيٽِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 14 ]
راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ،
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ،
گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون نَہ سُھاءِ،
ڪاڪِئان وَڃَڻُ ڪيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان، پيرَ پَرَچِي پاءِ.
[ سُر راڻو، وايون، 2 ]
سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي،
تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ،
ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ جو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 27 ]