راءَ جي سنڌي معنيٰ
راءِ، راجا، حاڪمَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Prince, noble, raja.
راءَ جا بيتن ۾ حوالا
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا،
تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 6 ]

مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ،
رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ،
تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 14 ]

ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ،
چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ،
ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي مَنجِهہ سُھاڳَ،
جيلاھَ ڀَرُ ڏِنائِين ڀاڳَ، تي آيُسِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 13 ]

راءَ سين رُٺا جٖي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي،
ڪِيئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇڙو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 6 ]

ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي،
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]

جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ آئُون نَہ سِکِئو،
پاٺَ نَہ نِينِمِ پاڻَ سين، سَڳا جٖي سِياءَ،
سُڻُ رُونجهاڻِي راءَ، تو ريءَ تارِي ناھِ ڪا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 38 ]

ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي،
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]

ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾،
ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 9 ]