دَورُ جي سنڌي معنيٰ
ڪتاب يا سبق جي ٻي پڙهڻي، سبق جي اُٿلاڻي، سبق کي ڀيرو، اوساريءَ جو هڪ ڦيرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The reading over a lesson a second time, a fancy, idea, and whim.
دَورُ جا بيتن ۾ حوالا
ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا،
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]

جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ،
پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 2 ]

پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]

تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي،
ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي، پَھسَ پِريان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهي ڪَنڌِيين، نِتُ نِھاري نُورُ،
مَنجهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 1 ]

اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي،
جِيئَن تَران تِيئَن تارِ گهَڻو، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھارومِ مِلي، آھِيان جَنھِن جي آسِري.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 9 ]

مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي وِجُهہ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لَھين نَہ پيرُ، راحَتَ آھي رِڙَهڻَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 3 ]