دَوا جي سنڌي معنيٰ
سُتِي، ڦَڪِي، دارون، دَرمل، علاج، تَدارڪ، ڊَڀُ، ٻُڪِي دَرمان، چارو،پَسار وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Medicine, therapy, remedy, medication
دَوا جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 1 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتارَ،
پَسان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ،
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيان آنھان ڌارَ،
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ،
ڏِيان خيزَ خِزان ۾ بي تو مَنجِهہ بَھارَ،
مُضَرَتان مُون کي ڪِئا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، وارو واقفِڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، معجونُون موچارَ،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ کي، تُنھِنجِي پِيَ پَچارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 10 ]