دَمُ جي سنڌي معنيٰ
ساھ، پساھ، جيءُ، جانُ، پِراڻ، سانس، جياپو، حياتي، زندگي، روح، چُوڻو، عمر، جِيو، آتما. جان، جنھن ۾ ئي محبوب موجود آهي. جيئن ”دَمُ نہ سُڃاڻَن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Breathe, life. Boasting, price. A moment, instant. The stewing any thing over a slow fire. Asthma.
دَمُ جا بيتن ۾ حوالا
چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ،
پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ،
جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ دوسِتَ جو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 19 ]
پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ،
جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ دوسِتَ جو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 19 ]
ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا،
ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي،
جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا، تَہ رَھايَم روئِي،
رَھُ قَضا دَمُ ڪوئِي، ھيڪَرَ ھيڪاندِي ٿِيان.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 6 ]
ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي،
جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا، تَہ رَھايَم روئِي،
رَھُ قَضا دَمُ ڪوئِي، ھيڪَرَ ھيڪاندِي ٿِيان.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 6 ]
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، سَھِسين سِجَ وِئا،
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِ اِيندا،
پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا،
دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 8 ]
پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا،
دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 8 ]
مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي ڪامَ مَري،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 10 ]
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 10 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ،
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]