دوسِتَنِ جي سنڌي معنيٰ
دوستَ، سنگتي، يارَ، سڄڻَ، گهڻگهرا، محبوبَ وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friends, pals, of love, of friends
دوسِتَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 6 ]
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 6 ]
ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو،
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]
اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئُون ويندَڙِي دَرِ،
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
دوسِتَنِ جي، يااللهَ،
جِئان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئان اَچي،
نُورا پايو نِينھَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَراھي سَچي.
[ سُر سارنگ، وايون، 2 ]
ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇُ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان بَسِ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 11 ]
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو،
آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ دارُون لايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 31 ]
چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو،
آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ دارُون لايو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 31 ]
English Meaning
Friends, pals, of love, of friends