تارا جي سنڌي معنيٰ
ستارا، چمڪندڙ آسماني جسمَ جيڪي رات جو ڏسبا آهن ۽ ٽمڪندا رھندا آهن. نَجم
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Stars, heavenly bodies, fixed luminous points in the night sky which are large, remote incandescent bodies like the sun
تارا جا بيتن ۾ حوالا
تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي ڪَتِيُون،
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 1 ]
تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ اُڀِرين،
جِھَڙو تُون صُبُوحِ، تِھَڙِي صافِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 7 ]
جِھَڙو تُون صُبُوحِ، تِھَڙِي صافِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 7 ]
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي،
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ،
جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
راتِ تَنھِن جِيءَ ماءَ، روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 9 ]