اَکڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
نيڻ، چشم، عين، ڏسڻ جا عضوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Eyes
اَکڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي،
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي،
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
وَنِيُون جي وِڇايان، ساڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَن، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 13 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون،
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو،
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]
جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اَکڙِيُون،
سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون،
مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرڪَنِ ماڳَ مَڙِهيُون،
کوڙِيو لَڪَڙِيُون، چُوندا ڪِي چيلَنِ کي.
[ سُر پورب، جوڳي، 14 ]
سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون،
مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرڪَنِ ماڳَ مَڙِهيُون،
کوڙِيو لَڪَڙِيُون، چُوندا ڪِي چيلَنِ کي.
[ سُر پورب، جوڳي، 14 ]
ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ جي،
مانَ سَڃِينِھُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 8 ]
مانَ سَڃِينِھُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 8 ]
سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]

اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون،
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
English Meaning
Eyes
اَکڙِيُون ٻول جا زمرا