اَويرَ جي سنڌي معنيٰ
دير، اويل. بيگاھ، بيوقتائي، ڪُمهلائي. (ظرف) دير سان، ڪُمهلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Late, out of time.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَويرَ جا بيتن ۾ حوالا
اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]

ساٿِيَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ اَويٽِئا،
اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 2 ]

ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ،
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]

اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]

اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ،
اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي سيرَ،
ڪيڏانھَن ڪَندا پيرَ، مِڙيوئِي مَٿو ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 5 ]

اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ،
تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ،
آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي پائُرِ ڏِنَئِي پيرَ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُجهي مُون ھِنيُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 9 ]

ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،
ڀائُنِ ڀيرو نَہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ،
اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 8 ]