اَمِيرَ جي سنڌي معنيٰ
سردار، سالار، اڳواڻ. حاڪم. دولتمند، شاهوڪار، غني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rich, A grandee, lord, gentleman, nobleman, with plenty resources.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَمِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ،
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]

چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]

واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ،
پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ،
مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ فَقِيرَ،
وَرُ ڇڏِئو واهَڙُ تَري، ساهَڙُ مَنجِهہ سَرِيرَ،
ڪُٻَنِ ڪِينِهي پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 9 ]

مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان،
پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ،
سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،
اَدا تُون مُنھِنجو آهِيين، اِذنُ ڏي اَمِيرَ،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِلئِو پِيَنِ کِيرُ،
اُنِ کي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ساري ٿو سَرِيرُ.
[ سُر مارئي، وايون، 22 ]

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدَ مِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جَھازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 12 ]