آسَڻَ جي سنڌي معنيٰ
وِهڻي، ويهڻ جو نمونو، وِهڪَ. وهِڻ جي جاءِ، بيٺڪ، گدي. پاٿاري،وِهَڪَ. آستان، ماڳ، تڪيو، مڪانُ. فقيراڻو تڪيو، اوتارو، آستانو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sitting place, position of sitting. Postures in coitus or yoga.
آسَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ ساڻُ،
مَتان ڪا ڀُلِي لَنئُن لائي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِيَڙا ڪَرَھَلَ ڪاھي،
آسَڻَ مَھِندان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏائي،
چَتُرُ ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙا ھوتَ ڇَپائي،
جيڪا ھُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙا پَنھِنجِي پُڄائي.
[ سُر ديسي، وايون، 11 ]

سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا ڪوڏِيا ڪاڪِ جا،
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لَڏِئو لوڌِيَڙَنِ،
سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جٖي آسَڻَ آرامِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 7 ]
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لَڏِئو لوڌِيَڙَنِ،
سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جٖي آسَڻَ آرامِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 7 ]
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون،
ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون،
وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون،
ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 8 ]
ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون،
وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون،
ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 8 ]
آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَيئِي،
رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي.
ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 17 ]
رَتا راٺوڙِيُنِ جا، ٻِيڙَنِ ھَٿَ پيئِي.
ناتَر اُتِ نيئِي، راڻو رَتِ رَساڻِئو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 17 ]
آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَ سُرَنگَ،
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 21 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ وِجهان واتَ،
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
جٖي ڪَھِيا ڏُونھِن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 23 ]
English Meaning
Sitting place, position of sitting. Postures in coitus or yoga.