ھَٽِ جي سنڌي معنيٰ
دڪان، ھٽ، اھا جاءِ جتي مال وڪڻجي، يا جتي واپار ڪجي، دِڪو، ڪوٺي، ڇاپ، پڙي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A shop, store, mall, shopping place
ھَٽِ جا بيتن ۾ حوالا
ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ،
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 23 ]
بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 25 ]
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 25 ]
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ،
بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ،
تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ گَنگا جا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 13 ]
بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ،
تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ گَنگا جا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 13 ]
ڇڏِئو ڇَپَرق وَٽِ، رِڙِھئو ريجاڻِيءَ چُڻي،
ڪُھِي ڪِيناري چاڙِھِيُون، پييُون وِڪامَنِ ھَٽِ،
تَنھِن سَرَ مَٿان سَٽِ، ڏِھاڙِي مارِي ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 24 ]
ڪُھِي ڪِيناري چاڙِھِيُون، پييُون وِڪامَنِ ھَٽِ،
تَنھِن سَرَ مَٿان سَٽِ، ڏِھاڙِي مارِي ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 24 ]
English Meaning
A shop, store, mall, shopping place