ڪُوڙا جي سنڌي معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙ، ڪُوڙ ڳالهائيندڙ، جُوٺا، ڪُساکي، ڪَذاب، کوٽا. فريبي، دغابازَ. جعلي، مصنوعي، بناوتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Untrue, lying, a liar, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
ڪُوڙا جا بيتن ۾ حوالا
ڪارُون سي ڪُوڙا، جٖي تو ڪِئا اُنِ سين،
ساٿِي سَنڀُوڙا، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھِ وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 16 ]
ساٿِي سَنڀُوڙا، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھِ وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 16 ]
اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾،
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا مُنھَن ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 52 ]
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا مُنھَن ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 52 ]
سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ،
ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَہ، اِنَ ڦوڪِيءَ ڌوتي فائدو.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 19 ]
ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَہ، اِنَ ڦوڪِيءَ ڌوتي فائدو.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 19 ]
ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ،
سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 10 ]
سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 10 ]
سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا،
جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا،
ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،
پاٽُوندَرَ پِيا، وَڃِي، ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 30 ]
جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا،
ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،
پاٽُوندَرَ پِيا، وَڃِي، ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 30 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]