ڪُتو جي سنڌي معنيٰ
هڪ گهرو پالتو جانور، ڪلبُ، سَگُ. اصطلاح غلام، بندو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A dog.
ڪُتو جا بيتن ۾ حوالا
ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي،
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 6 ]
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوانَمردُ جِگرَ کاءِ،
اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 10 ]
اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 10 ]
جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ،
لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 13 ]
لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 13 ]
ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ ڪُتَنِ جِي،
ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين،
سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 14 ]
ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين،
سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 14 ]
ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ،
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]
ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي،
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي،
لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 15 ]
ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو،
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.
[ سُر پورب، ڪانگ، 38 ]
English Meaning
A dog.